رانديون

پليئر آف دي منٿ، آ سي سي جي ٽوئيٽ ۾ عورتن جي جڳهه تي مردن جا نالا

دبئي: انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) 2 ڏينهن اڳ پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزدگين جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ مرد ۽ عورت رانديگرن جي نامزدگين جو اعلان ڪيو ويو هو. پاڪستان جي فاسٽ بالر شاهين آفريدي سان گڏ انگلينڊ جي جوس بٽلر ۽ عادل رشيد کي مينز پليئر آف دي منٿ نامزدگين ۾ شامل ڪيو ويو. پاڪستان جي سدرا امين، آئرلينڊ جي گبي لوئس ۽ ٿائلينڊ جي نٿاڪن چنٿم کي وومين پليئر آف دي منٿ لاءِ نامزد ڪيو ويو هو پر آءِ سي سي جي تصديق ٿيل ٽوئيٽر اڪائونٽ مان غلطي سامهون آئي آهي.

ٿيو اهو ته، ٽوئيٽ ۾ جاري ڪيل عورت رانديگرن جي نالن جي پوسٽر تي مرد رانديگرن جا نالا لکيل هئا. پاڪستان جي سدرا امين جي تصوير جي هيٺان انگلينڊ جي جوس بٽلر جو نالو، عادل رشيد جي جاءِ تي ٿائلينڊ جي نٿاڪن چنٿم ۽ شاهين آفريدي جو نالو آئرلينڊ جي گيبي لوئس جي تصوير هيٺان لکيل هو. آءِ سي سي غلطي جو احساس ڪندي ٿوري ئي دير ۾ ٽوئيٽ ڊيليٽ ڪري ڇڏيو ۽ نالن کي درست ڪرڻ کانپوءِ ٻيهر ٽوئيٽ ڪري ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button