رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ، مراڪش جي تاريخي فتح، عالمي چيمپيئن اسپين ايونٽ مان ٻاهر

دوحا: فيفا ورلڊ ڪپ جي ميچ ۾ مراڪش فتح حاصل ڪري ميدان تي فلسطين جو جهنڊو ڦڙڪائي ڇڏيو. ايجوڪيشن سٽي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ مراڪش جي فٽبال ٽيم اسپين کي شڪست ڏئي پهريون ڀيرو ڪوارٽر فائنل ۾ پهچي ويو ۽ اڳوڻي عالمي چيمپيئن اسپين کي ميگا ايونٽ مان ٻاهر ڪري ڇڏيو آهي. ايونٽ جي سپر 16 اسٽيج جي ميچ ۾ اسپين ۽ مراڪش وچ ۾ سنسني خیيز مقابلو ڏٺو ويو، جتي اسپين ميچ جي شروعات کان ئي جارحاڻي حڪمت عملي اختيار ڪئي پر مراڪش جي دفاعي رانديگرن اسپين کي گول ڪرڻ جو موقعو نه ڏنو.

ٻنهي ٽيمن جي مقابلي باوجود هڪ ٻئي جي گول پوسٽ تي حملو ڪري مقرر وقت ۾ گول نه ڪري سگهيا. ان کان پوءِ ٻنهي ٽيمن کي اضافي وقت ڏنو ويو پر ٻنهي ٽيمن ڀرپور ڪوششن باوجود گول نه ڪيو. ميچ جو فيصلو ڪرڻ لاءِ ٻنهي ٽيمن کي 5-5 پينلٽيز ڏنيون ويون. اسپينش ٽيم پهرين ٽن پينلٽيز ۾ گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جڏهن ته مراڪش چئن پينلٽيز ۾ 3 گول ڪري فتح حاصل ڪري ورتي، مراڪش جي رانديگر اشرف حڪيمي وننگ پينلٽي تي گول ڪري ٽيم کي ڪوارٽر فائنل تائين پهچايو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button