رانديون

درگاھه سخي سيد علڻ جي سالياني عرس مبارڪ جي موقعي تي ملهه مقابلا

ميهڙ/راڌڻ: ميھڙ ڀرسان ڳوٺ ٻٽ سرائي ۾ درگاھه سخي سيد علڻ جي سالياني عرس مبارڪ جي سلسلي ۾ راندين جي صوبائي وزير ارباب لطف الله جي تعاون سان 3 ڏينهن ملاکڙو منعقد ڪيو ويو. جڏهن ته درگاھه جي سجاده نشين سيد ڪاظم علي شاھه مزار تي چادر چاڙهي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪيو. ملاکڙي جي اڳواڻي سنڌ ملھه ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري دادن ملاح ڪئي. جڏھن ته ڪالهه ٻئي ڏينهن به ملاکڙي ۾ سنڌ مختلف علائقن جي مشھور ملھه پھلوانن ماجد ڊکڻ، روح افزا لانڊر، نديم رند، خدا بخش ھالو، حفيظ سخيراڻي، جونيئر بخشل ڊکڻ سميت ٻين حصو ورتو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button