رانديون

پاڪستان ۽ انگلينڊ ۾ ٻي ٽيسٽ سڀاڻي کان ملتان ۾ شروع، ڪپتان فتح بابت پرعزم

پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ سڀاڻي کان ٻي ٽيسٽ ملتان جي ميدان تي شروع ٿي رهي  آهي، جنهن ۾ فتڄ جو ٻنهي ٽيمن عزم ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان ۽ انگلينڊ جي ٽيمن ملتان جي اسٽيڊيم ۾ اچي پريڪٽس پڻ ڪئي آهي. هوڏانهن انگلش ٽيم ۾ مارڪ ووڊ جي واپسي جو امڪان ڏيکاريو ويو آهي. جڏهن تھ پاڪستان جي بابر اليون ۾ فهيم اشرف يا وسيم جونيئر مان هڪ آرام ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

پاڪستاني ڪپتان بابراعظم پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تھ منهنجو ڌيان ٽيم کي فتح ڏيارڻ تي آهي، ماڻهو مون بابت ڇا ٿا چون، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. هن چيو تھ مخالف سٺي راند کيڏي رهيو آهي تھ اسين سڄون طريقو نٿا بدلائي سگهون، مان دٻاء ۾ نھ ايندو آهيان. انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس جو چوڻ هو تھ ملتان جي پچ پنڊي کان مختلف آهي، اسين ڄاڻون ٿا تھ پاڪستان جي ٽيم مضبوط آهي، تنهنڪري راند پنهنجي انداز ۾ کيڏنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button