رانديون

ابرار انگلش بيٽرن جا ترا ڪڍي ڇڏيا، ڊيبو ٽيسٽ ۾ 7 وڪيٽون,انگلينڊ 281 تي آئوٽ

ملتان ٽيسٽ جي پهرين ڏينهن پاڪستاني بالر ابرار احمد انگلش بيٽرن کي پنهنجي اسپن جادو ۾ جڪڙي سندن ترا ڪڍي ڇڏيا آهن ۽ ڊيبو ٽيسٽ ۾ پهرين ڏينهن 7 وڪيٽون وٺي ويو آهي. ميڊيا مطابق ملتان جي ميدان تي انگلينڊ پهرين ڏهاڙي ڏکيائين جو شڪار ٿي وئي آهي ۽ اها رڳو 281 رنسون آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ بين ڊڪيٽ 63، اولي پوپ 60، مارڪ ووڊ 36، ول جيڪس 31 ۽ بين اسٽوڪس 30 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ جو روٽ 8، هيري بروڪ 9، اولي رابنسن 5، جيمز اينڊريسن 7 رنسون ٺاهيون آهن. پاڪستاني بالرن مان ابرار احمد 7 ۽ زاهد محمود 3 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ مسٽري اسپنر طور مشهور ابرار احمد ڊيبو ڪندي پهرين ڏينهن ڪيترائي رڪارڊ ٺاهيا، جنهن پهرين اوور ۾ پهرين وڪيٽ ورتي ۽ 13 اوورن ۾ 5 شڪار ڪري ورتا، ماني جي وقفي بعد بھ 2 اهم وڪيٽون ورتيون. پاڪستاني بيٽرن جواب ۾ 2 وڪيٽن تي 107 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جن مان پاڪستان جا ڪپتان بابراعظم 61 ۽ سعود شڪيل 32 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن ۽ عبدالله شفيق 14 ۽ امام الحق ٻڙي تي آئوٽ ٿي ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button