رانديون

آسٽريليا جي اننگز 511 تي ڊڪليئر، ويسٽ انڊيز جون 102 رنسون

آسٽريليا پرٿ ۾ ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز 511 رنسن تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي ۽ سندس 7 وڪيٽون ڪريون هيون. جڏهن تھ ويسٽ انڊيز راند ختم ٿيڻ تائين 102 رنسون ٺاهيون آهن. ميڊيا مطابق پرٿ جي ميدان تي راند جي ٻئي ڏهاڙي ٽريوس هيڊ 175 ۽ مارنس ليبوشين 163 رنسن جي شاندار ڀائيواري ڪئي آهي. جڏهن تھ ايلڪس ڪيري 41 رنسون ٺاهيون آهن. هوڏانهن ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز ۾ ڪپتان ڪريگ براٿويٽ 21، شرمار بروڪ 8، جرمين بليڪ ووڊ 3، ڊيون ٿامس 19 رنسن تي آئوٽ ٿي ويا آهن. راند ختم ٿيڻ تائين ٽيگنارائن چندرپال 47 ۽ اينڊرسن فلپس 5 رنسن تي ڪريز تي موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button