رانديون

ثانيا کان علحدگي ذاتي معاملو آهي، سوال نھ ڪيو: شعيب ملڪ

پاڪستاني ڪرڪيٽر شعيب ملڪ زال ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا کان علحدگي ٿيڻ وارن افواهن جو جواب ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي تھ ذاتي معاملي تي نھ ڳالهايو وڃي. ميڊيا مطابق هڪ ڏينهن اڳ ڏنل انٽرويو دوران شعيب ملڪ کان ميزبان سوال ڪيو تھ ثانيا مرزا کان اوهان جي علحدگي جا افواهه آهن، اوهان ڇا چوندا، شعيب ملڪ وراڻيو تھ علحدگي ذاتي معاملو آهي، ان جو جواب نھ ڏيندس، اوهان وڌيڪ ڪو سوال نھ ڪندا. هن چيو تھ جواب ڏيڻ کان معذرت ڪيان ٿو، ان سوال کي اوهان پاسيرو ئي رکي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button