رانديون

ٽي 20 ويمن ٽورنامينٽ جي چيمپيئن شپ بلاسٽرس کٽي ورتي

پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي ٽي 20 ويمن ٽورنامينٽ جو فائنل بلاسٽرس جي ٽيم کٽي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل جي ميچ ۾ بلاسٽرس جي ٽيم بسما معروف ۽ فاطما ثنا جي جوڙي شاندار راند کيڏندي ٽيم جي ڪاميابي جا بنياد رکيا. جڏهن تھ بلاسٽرس 3 وڪيٽن تي 145 رنسون ٺاهي هدف ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڊائنامائيٽس جي ٽيم 8 وڪيٽون وڃائي 138 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ 7 وڪيٽن تان شڪست کاڌي آهي. بسما معروف جي بيٽنگ کي ساراهيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button