رانديون

مراڪش جي فتح تي آفريقا مرڪي پيو، يورپ اداس..!

فيفا ورلڊ ڪپ جو قطر ايڊيشن ڪوارٽر فائنل جي مرحلي ۾ عرب دنيا ۽ آفريقي کنڊ جي ماڻهن وٽ خاص طور تي انتهائي يادگار بڻجي ويو آهي، ڇوتھ، هن ايونٽ جي وضاحت هڪ جملي ۾ اها آهي تھ مراڪش جي فتح تي آفريقا مرڪي پيو، يورپ اداسين ۾ گهيرجي ويو آهي. مراڪش جي رانديگر يوسف النصيري جي حيران ڪندڙ ڇال ۽ غيرمعمولي هيڊر عظيم ڪرسٽيانو رونالڊو جي ٽيم پرتگال کي گهر روانو ڪيو آهي.

پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊو شڪست تي روئي رهيو آهي

هوڏانهن ورلڊ ڪپ ۾ پرتگال جي شڪست بعد رونالڊو روئيندو رهيو، جنهن بعد يورپ ۾ اداسي آهي، پر هوڏانهن مراڪش جنهن جي ڪاميابي عرب دنيا ۾ جشن جهڙو ماحول پيدا ڪيو آهي. بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو تھ هي ڪو معجزو ناهي، ڀلي يورپ ۾ اسان بابت ائين چيو وڃي، پر اسان محنت ڪئي، تنهنڪري مداحن جا راڪي ۽ پسند جي ٽيم ٿي ويا آهيون. هوڏانهن آفريقي مداح جو چوڻ هو تھ، دنيا کان پڇون ٿا تھ ڇا اسان کي سٺا خواب ڏسڻ جو حق ناهي، هاڻ سيمي فائنل ۾ آفريقا کيڏندو، شڪيرا تھ چيو هو، هاڻ آفريقا جو وارو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button