رانديون

ڪوارٽر فائنل ۾ فرانس هٿان انگلينڊ کي شڪست، خميس کان سيمي فائنل شروع

فيفا ورلڊ ڪپ جو قطري ايڊيشن هاڻ پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ واري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جو ڪوارٽر فائنل مرحلو پڄاڻي تي پهچي ويو آهي، هاڻ 14 ڊسمبر کان سيمي فائنل جا 2 مقابلا ٿيندا. ميڊيا مطابق ڪوارٽر فائنل جي آخري ميچ ۾ فرانس هڪ جي ڀيٽ ۾ 2 گولن تان انگلينڊ کي شڪست ڏئي سيمي فائنل ۾ جڳهه ٺاهڻ ۾ ڪاميابي ماڻي ورتي آهي ۽ انگلينڊ جو ايونٽ ۾ سفر پڄاڻي تي پهچي ويو آهي. هن مقابلي ۾ فرانس جي اوريلين چوميني 17 منٽ ۽ اوليويئر ييرو 78 منٽ ۾ گول ڪري ٽيم جي ڪاميابي کي يقيني بڻايو، جڏهن تھ انگلينڊ جو اڪيلو گول ڪپتان هيري ڪين پينلٽي ڪڪ تي ڪري ورتو، جنهن پينلٽي ڪڪ مس پڻ ڪئي آهي. هوڏانهن فٽبال ورلڊ ڪپ جي ٽرافي ماڻڻ جي ويڙهه باقي هڪ وک تي بچي آهي، جنهن بعد 14 ڊسمبر کان سيمي فائنل جون ٽيمون چيمپئين شپ جي ٽرافي جي ويڙهه ڪنديون. شيڊول تحت سيمي فائنل ۾ 14 ڊسمبر تي ارجنٽينا جو ڪروشيا مقابلو ٿيندو ۽ 15 ڊسمبر تي فرانس وري مراڪش سان فائنل ۾ پهچڻ واري ميچ کيڏندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button