پاڪستان جي ٽيم ٻي اننگز ۾ پنهنجي پوزيشن سنڀالي ورتي آهي ۽ ان 4 وڪيٽن تي 198 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن کي ميچ کٽڻ ۾ باقي 157 رنسن جي ضرورت آهي. ميڊيا مطابق ملتان ٽيسٽ ۾ ٽئين ڏينهن پاڪستان 355 جي هدف بعد 198 رنسون ٺاهي ورتيون آهن، جنهن ۾ امام الحق زخمي ٿيڻ تي علاج بعد واپس اچي 60 رنسون ٺاهيون ۽ آئوٽ ٿي ويو، عبدالله شفيق 45 ۽ رضوان 30 رنسون ٺاهيون، پر ڪپتان بابراعظم رڳو هڪ رنس ٺاهي بيٽنگ ۾ ناڪام رهيو. اهڙي ريت راند ختم ٿيڻ تي انگلينڊ جي بالرن مان اولي رابنسن، جيڪ ليچ، مارڪ ووڊ ۽جيمس اينڊريسن هڪ، هڪ وڪيٽ وٺي چڪا آهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close