رانديون

ملتان ٽيسٽ ۾ سعود شڪيل جو آئوٽ ٿيڻ سواليا بڻجي ويو

پاڪستان ۽ انگلينڊ خلاف ملتان ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ جي چوٿين ڏينهن واري راند ۾ پاڪستاني بيٽر سعود شڪيل جي آئوٽ ٿيڻ کي سواليا قرار ڏنو پيو وڃي. ميڊيا مطابق انگلش بالر مارڪ ووڊ جي بالنگ دوران بال سعود شڪيل جي بيٽ کي ڇهي وڪيٽ پويان ويو، جتي اولي پوپ ان کي جهٽي ورتو، پر اهو ڪيچ ايڏو تھ شڪي هو جو امپائر عليم ڊار فيصلو ٿرڊ امپائر تي ڇڏيو، جنهن آئوٽ قرار ڏئي ڇڏيو. سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ بحث ۾ فيصلو تڪراري چئي شڪ جوفائدو بيٽر کي ڏيڻ جو اصول لتاڙڻ جا الزام لڳايا ويا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button