رانديون

ابرار جو جادو نھ هليو، انگلينڊ ٻي ٽيسٽ ۾ بھ پاڪستان کي هارائي سيريز کٽي ورتي

انگلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان کي ملتان ٽيسٽ ۾ 26 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق ٽيسٽ جي چوٿين ڏهاڙي 4 وڪيٽن جي نقصان ۽ 198 رنسن تي شروع ڪئي تھ ان جا بيٽر انگلش بالرن آڏو بيهي نھ سگهيا ۽ آئوٽ ٿيندا ويا. سعود شڪيل 94 جي شاندار اننگز کيڏي مزاحمت ڪئي، پر مارڪ ووڊ سندس وڪيٽ وٺي سينچري کان محروم ڪري ڇڏيو. اهڙي ريت فهيم اشرف 10، محمد نواز 45، ابرار احمد 17 رنسن، زاهد محمود ۽ محمد علي ڪابھ رنسن ٺاهڻ بنا آئوٽ ٿي ويا. ان کان اڳ امام الحق 60، عبدالله شفيق 45 ۽ محمد رضوان 30 رنسن تي نمايان رهيا. جڏهن تھ ڪپتان بابراعظم رڳو هڪ رنس ٺاهي پويلين موٽي ويو. انگلينڊ جي بالرن مان مارڪ ووڊ 4 وڪيٽون وٺي ٽيسٽ ۾ ڪاميابي جو بنياد رکيو.

پاڪستاني بيٽر انگيبنڊ خلاف ٽيسٽ دوران شاٽ کيڏندي

اهڙي ريت جيمز اينڊريسن، اولي رابنسن 2، 2 ۽ جو روٽ توڙي جيڪ ليچ هڪ، هڪ وڪيٽ ورتي. ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ پهرين اننگز ۾ 281 ۽ ٻي اننگز ۾ 275 رنسون ٺاهيون. پاڪستان پهرين اننگز ۾ 202 ۽ ٻي 328 رنسون ٺاهيون. جڏهن تھ ملتان ٽيسٽ ۾ ڊيبو ڪندڙ مسٽري اسپنر ابرار احمد مجموعي طور 11 وڪيٽون وٺي ڪيترائي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪري ورتا آهن، پر سندس اسپن جادو ٽيم جي ڪم نھ آيو. هوڏانهن انگلينڊ جو هيري بروڪ اڪيلو بيٽر آهي، جنهن سينچري اسڪور ڪيو آهي. هوڏانهن پريس ڪانفرنس ڪندي ڪپتان بابراعظم چيو تھ ميچ کٽي سگهياسين پئي، پر غلطيون ٿيون آهن. هن چيو تھ سعود شڪيل جي آئوٽ ٿيڻ وقت لڳو تھ بال زمين تي ڪريو آهي، پر پروفيشنل طور امپائر جو فيصلو مڃڻو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button