رانديون

ڪرشيا کي شڪست، ارجنٽائن فيفا ورلڊڪپ جي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو

دوحا: قطر ۾ جاري فيفا ورلڊڪپ جي پهرئين سيمي فائنل ۾ ارجنٽائن ڪروشيا کي شڪست ڏئي ڇهون ڀيرو فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو. ارجنٽائن سيمي فائنل ۾ ڪروشيا کي 3-0 تان شڪست ڏني، ارجنٽائن طرفان 2 گول جولين الواريز ۽ هڪ گول ليونل ميسي ڪيو. لوسيل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل سيمي فائنل ۾ ڪروشيا جي ٽيم پهرين پندرهن منٽن تائين بال تي غالب رهي. ان کان پوءِ ارجنٽائن جي رانديگرن اٽيڪنگ مووز ٺاهڻ شروع ڪيون، ان هڪ موو جي نتيجي ۾ ارجنٽينا کي پينالٽي ڪڪ ملي، جيڪو ميسي گول ڪيو. ميسي 11 گولن سان ورلڊ ڪپ مقابلن ۾ ارجنٽائن جو ٽاپ اسڪورر بڻجي ويو. ارجنٽائن لاءِ ٻيو گول 22 سالن جي الواريز ڪيو، جنهن بال کي پنهنجي هاف مان اڪيلو ڪري ڪروشيا جي ڄار ۾ پهچايو، پهرين هاف تائين مقابلو ارجنٽائن جي حق ۾ 2-0 تي رهيو.

ٻئي هاف ۾ الواريز ٽيون ۽ ارجنٽينا لاءِ پنهنجو ٻيو گول ڪيو، هي گول هن ميسي جي سٺي پاس تي ڪيو، ڪروشيا ٽيم ڪوشش باوجود هڪ به گول نه ڪري سگهي. پوري وقت تائين 3-0 جي اسڪور سان ارجنٽائن پهرين سيمي فائنل ۾ ڪروشيا کي شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچي ويو. ارجنٽائن ڇهون ڀيرو فيفا ورلڊڪپ جي فائنل ۾ پهتو آهي، 1978ع ۽ 1986ع ۾ ارجنٽائن ورلڊ ڪپ جو چيمپيئن هو. واضح رهي ته فيفا ورلڊ ڪپ 2022 جو ٻيو سيمي فائنل فرانس ۽ مراڪش وچ ۾ کيڏيو ويندو، جنهن جي فاتح ٽيم آچر تي فائنل ۾ ارجنٽائن جو مقابلو ڪندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button