
ارجنٽينا جي فٽبال ٽيم جي مينيجر ليونل سيلوني اعلان ڪيو آهي تھ ليونل ميسي جيڪڏهن فٽبال جا عالمي مقابلا جاري رکيا تھ ايندڙ ورلڊ ڪپ ۾ سندس جرسي 10 واري هوندي. فرانس کي شڪست بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ليونل سيلوني چيو تھ ميسي جي جرسي هاڻ کان ئي تيار آهي، بس هو پنهنجو فيصلو ڪري وٺي.