پي سي بي جا معاملا هلائڻ خاطر جوڙيل ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي تھ ڀارت ۾ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت جي حوالي سان رميز راجا اينڊ ڪمپني جا بيان پڙهيا آهن، پر ان معاملي تي حڪومت سان مشُورو ڪرڻ بعد حتمي فيصلو ڪيو ويندو. هن جو چوڻ هو تھ مان 4 سالن بعد آيو آهيان، هاڻ نئون سيٽ اپ ايندو. جڏهن تھ ڊوميسٽڪ نظام بھ بحال ڪيو ويندو. هن چيو تھ وقت ڏيو، معاملن کي ٺيڪ ڪنداسين. نيوزيلينڊ خلاف اعلانيل اسڪواڊ ۾ ڪا ڦيرڦار نھ ڪئي ويندي، جيڪڏهن اعلان نھ ٿئي ها تھ ان تي ڪم ڪيون ها. هن چيو تھ رميز راجا سان اهڙو ڪو اختلاف ناهي، مان تھ اڳ بھ استعيفا ڏئي هليو ويو هئس.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close