
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي بالر حارث رئوف پنهنجي ڪلاس فيلو مزنا مسعود سان نڪاح ڪري ورتو آهي. ميڊيا مطابق حارث رئوف ۽ مزنا مسعود جي نڪاح جي رسم اسلام آباد ۾ ٿي،

جنهن ۾ ساٿي ڪرڪيٽرن شاهين آفريدي، لاهور قلندر جي هيڊ ڪوچ ثمير رانا، اڳوڻو ڪرڪيٽر رياض آفريدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن تھ نڪاح جي رسم ۾ گهوٽ ڪنوار جي گهرڀاتين ۽ ويجهن دوستن پڻ شرڪت ڪئي آهي.