رانديون

رميز راجا آفيس ۾ رکيل ذاتي شيون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا آفيس ۾ رکيل ذاتي شيون وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جي قذافي اسٽيڊيم جي آفيس ۾ ڇڏيل شين ۾ سندس ليپ ٽاپ، 1992ع جي ورلڊ ڪپ جي ريپليڪا شرٽ، 2 عينڪ جا باڪس، سونف باڪس، شيلڊ، ڪيپ، پي سي بي بيگ ۽ ڪجهه ايڪريڊيشن ڪارڊ شامل آهن. بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي ميمبر شڪيل شيخ سامان جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪندي لکيو ته هي سامان 2 ڀيرا اڳوڻي چيئرمين جي گهر موڪليو ويو، ٻئي ڀيرا رميز راجا پي سي بي جي نمائندي سان ملاقات نه ڪئي، ٻئي ڀيري ۾ رميز راجا جي زال ملي پر سامان وٺڻ کان انڪار ڪيو. ٽيون ڀيرو پي سي بي جي نمائندي رميز کي فون ڪيو ته سامان ڪوريئر ذريعي موڪليون پر هن ٻيهر سامان وٺڻ کان انڪار ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button