رانديون

نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان، مهمان ٽيم بھ پهچي وئي

نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن تھ مهمان ٽيم جا رانديگر بھ پهچي ويا آهن. ميڊيا مطابق چيف سليڪٽر شاهد آفريدي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ بالر شاداب خان زخمي هجڻ سبب ٽيم مان ٻاهر ٿي ويو آهي. چيف سليڪٽر شاهد آفريدي پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو تھ اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابراعظم، شاهنواز ڏاهاڻي، حارث رئوف، امام الحق، فخر الزمان، محمد رضوان، محمد نواز، ڪامران غلام، محمد حسنين، وسيم جونيئر، شان مسعود، آغا سلمان، نسيم شاهه، طيب طاهر، حارث سهيل ۽ اساما مير بھ جڳهه ٺاهي ورتي آهي. هن چيو تھ ڪپتان ۽ سليڪٽرز هڪ پيج تي آهن.

نيوزيلينڊ جا ون ڊي پليئر پاڪستان پهچڻ بعد هوٽل ويندي

هوڏانهن نيوزيلينڊ جي ون سيريز ۾ شامل 5 رانديگر يو اي اي رستي ڪراچي پهچي ويا آهن، جن کي سخت سيڪيورٽيهيٺ رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button