رانديون

نيوزيلينڊ پاران پاڪستان کي 319 رنسن جو هدف، اسڪور بنا 2 آئوٽ

نيوزيلينڊ پنهنجي ٻي اننگز 5 وڪيٽَون وڃائي 277 رنسن تي ڊڪليئر ڪري پاڪستان کي 319 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستاني بيٽر ٻي ٽيسٽ جي پهرين اننگز ۾ چوٿين ڏينهن 408 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويا، سندن آخري وڪيٽ هڪ رنس اضافو ڪري سگهي آهي، جنهن ۾ سعود شڪيل 125 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيو. جڏهن تھ امام الحق 83 ۽ سرفراز احمد 78 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي نمايان رهيا. اهڙي ريت نيوزيلينڊ جي بالرن پٽيل ۽ سوڍي 3، 3 آئوٽ ڪيا، سائودي، ميٽ هنري ۽ ڊيرل هڪ، هڪ وڪيٽون وٺي ويا آهن. هوڏانهن ٻي اننگز ۾ ڪيويز اوپنر بيٽر ڊيون ڪونوي ٻڙي تي آئوٽ ٿيو، ٽام بلنڊيل ۽ مائيڪل براسويل 74، 74 ۽ ٽام ليٿم 62 رنسن ڪيون آهن. پاڪستاني بالرن مان نسيم شاهه، مير حمزا، ابرار احمد، حسن علي ۽ آغا سلمان هڪ هڪ وڪيٽ ورتي آهي. پاڪستان بھ پاڪستان بھ ٻي اننگز ۾ ڪوبھ اسڪور ڪرڻ بنا ٻھ وڪيٽون وڃائي ڇڏيون، جن ۾ عبدالله شفيق ٽم سائودي ۽ مير حمزا ايش سوڍي هٿان بولڊ ٿي ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button