رانديون

ايشيا ڪپ بابت اي سي سي ڪا ڄاڻ ناهي ڏني: نجم سيٺي

پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي تھ ايشيا ڪپ بابت ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل اسان کي ڪا ڄاڻ ناهي ڏني. ميڊيا کي جاري ڪيل بيان ۾ هن جو چوڻ هو تھ اي سي سي جو سربراهه ۽ بي سي سي آئي جو سيڪريٽري جئي شاهه چاهي ٿو پاڪستان ڀارت اچي ورلڊ ڪپ کيڏي، ڀارت ايشيا ڪپ کيڏڻ نھ ايندو، اهو تھ ڪو اصول نھ ٿيو. هجن چيو تھ ڀارتي بورڊ آزاد ادارو آهي، تنهنڪري اهڙي سياست کي اسين قبول نھ ڪنداسين. هن ٻڌايو تھ ايشيا ڪپ جي شيڊول بابت اسان کي ڪوبھ فون ناهي آيو نھ وري رابطو ئي ڪيو ويو آهي، پر پاڪستان ۽ ڀارت ۾ سياسي لاڳاپا صحيح ناهن، ان جو مطلب بنا جواز بهانا ٺاهڻ نھ هجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button