رانديون

سرفراز جي سينچري شڪست کان بچائي ورتو، نيوزيلينڊ خلاف ٻي ٽيسٽ بھ بنا نتيجي ختم

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٻي ۽ آخري ٽيسٽ بھ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي، جنهن ۾ پاڪستاني بيٽر سرفراز احمد شاندار سنيچري ٺاهي ٽيم کي شڪست کان بچائي ورتو آهي. ڪراچي ۾ آخري ٽيسٽ دوران راند جي آخري ڏينهن تي نيوزيلينڊ جي 319 رنسن جو هدف ماڻڻ لا پاڪستان 9 وڪيٽن تي 304 رنسون ٺاهيون ۽ وقت ختم ٿي ويو. جڏهن تھ اڳوڻو ڪپتان ٽيسٽ 118 رنسن جي اننگز کيڏي ٽيسٽ ڪيريئر جي 22 سينچري مڪمل ڪرڻ ۾ بھ ڪامياب ويو آهي، ٻين بيٽرن ۾ سرفراز جو ساٿ ڏيندڙ سعود شڪيل 32 رنسن تي وڪيٽ وڃائي.

سينچري اسڪور ڪندڙ سرفراز احمد

جڏهن تھ آغا سلمان 30 رنسون ڪيون، نسيم شاهه 15 ۽ ابرار 7 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهي ميچ ڊرا ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. نيوزيلينڊ جو بالر مائيڪل براسويل 4 شڪار ڪرڻ باوجود ميچ کٽرائي نھ سگهيو. ٽم سائودي ۽ ايش سوڍي 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. جڏهن تھ پاڪستان پهرين اننگز ۾ 408 ۽ ٻي اننگز ۾ 309 رنسون ڪيون، نيوزيلينڊ پهرين اننگز ۾ 449 ۽ ٻي اننگز ۾ 277 رنسون ٺاهيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button