رانديون

ثانيا مرزا ايندڙ مهيني کان رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڀارتي ٽينس اسٽار ثانيا مرزا ايندڙ مهيني کان رٽائرمينٽ وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا کي ڏنل هڪ خاص انٽرويو دوران ثانيا مرزا ٻڌايو تھ ڀارتي ٽينس اسٽار دبئي ٽينس چيمپيئن شپ کيڏڻ بعد باقائدا رٽائرمينٽ وٺي ڇڏيندي. هن چيو تھ ورلڊ ٽينس جي فائنل ۾ پهچڻ وقت انجري سبب مون ڪيترائي ايونٽ ڇڏيا آهن. هن چيو تھ ورلڊ ٽينس جي فائنل ۾ پهچڻ وقت انجري سبب مون ڪيترائي ايونٽ ڇڏيا آهن، مون ڪم نھ ڇڏيو آهي، پر ٽريننگ جاري رکي، تنهنڪري ڪوشش آهي تھ دبئي ۾ کيڏڻ بعد رٽائرڊ ٿيان، هاڻ وڌيڪ کيڏڻ جي همٿ ناهي رهي. هن چيو تھ هاڻ 36 سالن جي ٿي وئي آهيان، ترجيحن ۾ بھ آرام ڪرڻ شامل ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button