رانديون

رونالڊو ۽ جارجينا جو سعودي ۾ رهڻ بحث جو موضوع بڻجي ويو

سعودي عرب جي فٽبال ڪلب النصر ۾ شموليت اختيار ڪندڙ پرتگالي فٽبالر ڪرسٽيانو رونالڊُ ۽ سندس پارٽنر جارجينا جو سعودي ۾ گڏ رهڻ بحث جو موضوع بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق سعودي قانون تحت شادي بنا جوڙن جي گڏ رهڻ تي پابندي سبب ماڻهن بحث ڪيو پيو وڃي. هوڏانهن امڪان آهي تھ رونالڊو ۽ ان جي پارٽنر کي ان قانون باوجود رعايت ڏني ويندي.

ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس ٻار

جڏهن تھ النصر ڪلب يا سعودي عرب جي حڪومتي اختيارين ڪرسٽيانو رونالڊو ۽ سندس پارٽنر بابت وضاحت نھ ڏني آهي. مداحن هلندڙ بحث ۾ چيو آهي تھ پرڏيهين جي حوالي سان قانون ۾ نرمي موجود آهي، تنهنڪري اختياريون رونالڊو کي رعايت ڏينديون. جڏهن تھ ٻئي مداح سوال اٿاريو تھ ڇا قانون رڳو غريب لا آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button