رانديون

ڏکڻ آفريقا خلاف آخري ٽيسٽ برابر، سيريز آسٽريليا کٽي ويو

ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ۽ آخري ٽيسٽ بنا نتيجي ختم ٿي وئي آهي، پر پهريون 2 ٽيسٽ کٽڻ سبب سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. ميڊيا مطابق آسٽريليا جي پهرين اننگز جي 475 رنسن جي موٽ ۾ ڏکڻ آفريقا پهرين اننگز ۾ 255 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو، جنهن بعد آسٽريليا بيٽنگ ڪرڻ بدران ڏکڻ آفريقا کي کيڏڻ جي دعوت ڏني، ڏکڻ آفريقا فالوآن بعد آخري ڏينهن تي 2 وڪيٽون وڃائي 106 رنسون ڪيون تھ راند جو وقت ختم ٿي ويو ۽ ميچ برابر ٿي وئي. ان کان اڳ آسٽريليا پهريون 2 ٽيسٽ کٽڻ سبب سيريز کٽي ورتي، پر ڏکڻ آفريقا کي وائيٽ واش ڪرڻ جو مقصد حاصل نھ ڪري سگهيو. آسٽريليا جو عثمان خواجا 195 رنسن سان پليئر آف دي ميچ ۽ ڊيوڊ وارنر 213 رنسن سبب پليئر آف دي سيريز بڻجي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button