رانديون

بگ بيش ۾ انجري سبب آل رائونڊر شاداب خان تي مداح جي تنقيد

سڊني: قومي ٽيم جي اسٽار آل رائونڊر شاداب خان جي آسٽريلوي ليگ بگ بيش دوران آڱر ۾ فريڪچر ٿي ويو آهي، جنهن بعد کيس نيوزيلينڊ خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي. جڏهن ته ڪرڪيٽر جي مداحن افسوس جو اظهار ڪندي سندس لا نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته هڪ نقاد شاداب کي پرڏيهي ليگ ۾ کيڏڻ تي تنقيد جو نشانو بڻايو. صارف لکيو ته “پرڏيهي ليگ جيڪي توهان پئسن لاءِ کيڏندا آهيو، پوءِ زخمي ٿي ويندا آهيو ۽ قومي ٽيم جون ميچون وڃائيندا آهيو،” ڪرڪيٽر ان تنقيد جو تفصيلي جواب ڏيندي چيو ته مون آسٽريليا ۾ ٿيل ورلڊ ڪپ ۾ بگ بيش ليگ جي ڪري سٺو ڪم ڪيو، مختلف حالتن ۾ کيڏڻ توهان کي بهتر بڻائي ٿو. شاداب خان چيو ته انسان نئين جڳهين ۽ تجربن مان سکندو آهي، مقصد سکڻ ۽ پاڪستان لاءِ سٺو ڪرڻ هوندو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button