رانديون

عمر گل قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي ويو

لاهور: عمر گل قومي ٽيم جي بالنگ ڪوچ لاءِ مضبوط اميدوار بڻجي ويو آهي. اڳوڻي فاسٽ بالر پاڪستاني ٽيم ۾ ڪم ڪرڻ جي خواهش ظاهر ڪئي آهي. اڳوڻي فاسٽ بالر عمر گل جو چوڻ آهي ته قومي ٽيم لاءِ ڪم ڪرڻ اعزاز جي ڳالهه آهي، پي سي بي هن وقت تائين رابطو ناهي ڪيو، جيڪڏهن ڪا آڇ ٿي ته خدمت ۾ حاضر آهيان. شاهين شاهه آفريدي لاءِ صلاح آهي ته هو واپسي ۾ جلدبازي نه ڪري، هو مڪمل بحالي کانپوءِ ئي ميچن ۾ حصو وٺي. ايڪسپريس نيوز سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي ساڄي هٿ جي فاسٽ بالر واضح ڪيو ته افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ سان سندس معاهدو 31 ڊسمبر تي ختم ٿي ويو آهي، ساڻن گڏ ڪم ڪرڻ جو تجربو تمام سٺو رهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button