رانديون

فاسٽ بالر نسيم شاهه اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو

ڪراچي: پاڪستاني ٽيم جي فاسٽ بالر نسيم شاهه اهم اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. نسيم شاهه ڪيريئر جي پهرين 4 ون ڊي ميچن ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون حاصل ڪندڙ بالر بڻجي ويو. هن اهو اعزاز ڪراچي ۾ نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ 5 وڪيٽون وٺي حاصل ڪيو آهي. نسيم شاهه پهرين 4 ون ڊي ميچن ۾ 15 وڪيٽون ورتيون. جڏهن ته آسٽريليا طرفان ريان هيرس ۽ گيري گلمور 4 ون ڊي ميچن ۾ 14 ۽ 14 وڪيٽون ورتيون هيون. جڏهن ته پاڪستان جي عثمان شنواري پهرين 4 ون ڊي ميچن ۾ 12 وڪيٽون ورتيون هيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button