رانديون

ٽي-20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ 45 ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا: شاهين شاهه

لاهور: پاڪستاني فاسٽ بالر شاهين شاهه آفريدي جو چوڻ آهي ته ٽي-20 ورلڊ ڪپ کانپوءِ 45 ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) شاهين شاهه آفريدي جي ڳالهه ٻولهه جي وڊيو شيئر ڪئي آهي. جنهن ۾ هن جو چوڻ آهي ته الحمدالله ڪافي سٺي صحت آهي، ورلڊ ڪپ کانپوءِ 45 ڏينهن ڏاڍا ڏکيا هئا، ان دوران گرائونڊ کي تمام گهڻو مس ڪيو، جلد واپس وڃڻ چاهيان ٿو ۽ پاڪستان لاءِ کيڏڻ چاهيان ٿو، هاڻي ڪافي سٺي تال محسوس ڪري رهيو آهيان، ان تال کي جاري رکڻ جي ڪوشش ڪندس. پنهنجي پلان بابت ڳالهائيندي شاهين شاهه وڌيڪ چيو ته تمام گهڻو ڌيان رفتار تي آهي، رفتار جي گهٽتائي کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن هفتي پريڪٽس دوران 19 اوور ڪرايا ۽ تمام سٺو محسوس ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button