رانديون

آسٽريليا ڀارت جي دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو

سڊني: آسٽريليا ڀارت جي دوري لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، ٽيم ۾ ڊيوڊ وارنر کي به شامل ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا موجب ڀارت جي دوري لاءِ 18 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويو آهي، فاسٽ بالر پيٽ ڪمنز ٽيم جي قيادت ڪندو. فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ پهرين ٽيسٽ کانپوءِ ٽيم ۾ شامل ٿيندو، هو آڱر جي انجري ۾ مبتلا آهي ۽ مڪمل فٽ ٿيڻ لاءِ وقت جي ضرورت آهي. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته 18 رڪني اسڪواڊ ۾ چار اسپنرن کي شامل ڪيو ويو آهي، نيٿن لائين سان گڏ ٽوڊ مرفي، ايشٽن ايگر ۽ مچل سويپسن به اسڪواڊ جو حصو آهن. ڪرڪيٽ آسٽريليا جو چوڻ آهي ته پيٽر هينڊز ڪومب به ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ شامل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو آهي. بارڊر گواسڪر ٽرافي جي پهرين ٽيسٽ 9 فيبروري کان بنگلور ۾ شروع ٿيندي، ٻي ٽيسٽ 17 فيبروري کان دهلي ۾ کيڏي ويندي ۽ ٽئين ٽيسٽ پهرين مارچ کان ڌرم شالا ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته سيريز جي چوٿين ٽيسٽ 9 مارچ تي احمد آباد ۾ کيڏي ويندي. آسٽريلوي ون ڊي اسڪواڊ جو اعلان بعد ۾ ڪيو ويندو، ٽي ون ڊي ميچون 17، 19 ۽ 22 مارچ تي کيڏيون وينديون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button