رانديون

بابر اعظم کي بي معنيٰ تڪرارن ۾ ڌڪيو پيو وڃي: رميز راجا

لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا جو چوڻ آهي ته وائيٽ بال ڪرڪيٽ ۾ سٺي ڪارڪردگي باوجود ڪپتان بابر اعظم کي بي معنيٰ تڪرارن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. نيوزيلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ميچ ۾ فتح کانپوءِ رميز راجا قومي رانديگرن جي واکاڻ ڪندي چيو ته پهرين ون ڊي ۾ بابر ۽ رضوان ٻئي گهڻو پريشر ۾ هئا، ٽيسٽ بعد پريشر هو، اهڙيون ڳالهيون ٽيم جو ماحول خراب ڪن ٿيون. هن چيو ته پريس ڪانفرنس دوران بابر اعظم کان ڏکيا سوال پڇيا پيا وڃن، کيس بي معنيٰ تڪرارن ۾ ڌڪيو پيو وڃي. رميز راجا جو چوڻ هو ته 2 سال پراڻي ٽيم جي ڪارڪردگيءَ جو سبب اهو هو ته ٽيم پاڻ کي مقابلي کان ٻاهر رکيو، ٽيم هڪ ڪمبينيشن سان فيلڊنگ ڪري رهي آهي، بابر اعظم نيوزيلينڊ خلاف پهرين بيٽنگ باوجود سٺي اننگز کيڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button