رانديون

بابر ۽ رضوان سان ملڻ ايندڙ ٻن تماشائين جي ضمانت منظور

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ هڪ ڏينهن اڳ ڪراچي ۾ کيڏيل ٻي ون ڊي ميچ دوران ٻن تماشائين پاران ايس او پيز ٽوڙي ميدان ۾ اچي بابراعظم ۽ محمد رضوان سان ملڻ جي ڪوشش ڪندڙ تماشائين تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ عزيز ڀٽي ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ محمد جاويد ۽ محمد عباس کي جوابدار نامزد ڪرڻ بعد کين لاڪ اپ حوالي ڪيو ويو آهي. هوڏانهن مقامي عدالت ٻنهي ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button