رانديون

پرٿ اسڪارچرز هٿان 9 وڪيٽن تان سڊني ٿنڊرز کي شڪست

بگ بيش ليگ 2023ع جي مقابلن ۾ پرٿ اسڪارچرز 9 وڪيٽن تان سڊني ٿنڊرز کي شڪست ڏئي ڇڏي آهي. ميڊيا مطابق بگ بيش ليگ جي 39 ميچ ۾ سڊني ٿنڊرز 111 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، جنهن ۾ اوليور ڊيويس 52 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي نمايان رهيو. جڏهن تھ 7 بيٽر سنگل ڊجيٽ ۽ 2 بيٽر ٻڙي تي آئوٽ ٿيا، پرٿ اسڪارچرز جي بالرن مان اينڊريو ٽائي 3، ڊيوڊ پائني، لينس مورس، ميٿيو ڪيلي 2،2 ۽ آشٽن ايگر هڪ وڪيٽ ورتي آهي. هوڏانهن پرٿ اسڪارچرز هڪ وڪيٽ تي 112 رنسن سان هدف ماڻي ڪاميابي حاصل ڪئي، جنهن ۾ اسٽيفن اسڪنيزي 40 رنسن تي آئوٽ ٿيو، ڪيمرون بين ڪرافٽ 55 ۽ ايرون هارڊي 11 رنسن تي ناٽ آئوٽ رهيا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button