رانديون

آسٽريليا ويمن ون ڊي سيريز ۾ پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو

آسٽريليا ويمن ٽيم ون ڊي سيريز ۾ آخري ميچ بھ وڏي اسڪور تان کٽي پاڪستان کي وائيٽ واش ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق پاڪستان جي ويمن ٽيم ٽن ميچن واري سيريز جي آخري ميچ ۾ 101 رنسن تان وڏي شڪست کائي سيريز وڃائي ڇڏي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ آسٽريليا ويمن ٽيم 9 وڪيٽن تي 336 رنسون ٺاهي پاڪستان کي هدف ڏنو، جنهن ۾ بيٽر بيٿ موني 4 ڇڪن ۽ 14 چوڪن سان 133 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي ڪاميابي ۾ ڪردار ادا ڪيو. جڏهن تھ ڪپتان ميگ ليننگ 72 رنسن جي وڏي اننگز کيڏي. جڏهن تھ پاڪستاني بالرن مان فطما ثنا 3، ڊيانا بيگ ۽ نشرا سنڌو 2،2 وڪيٽون ورتيون آهن. اهڙي ريت آسٽريليا جي 336 رنسن جي جواب ۾ پاڪستاني بيٽر 7 وڪيٽون وڃائي رڳو 235 رنسون ٺاهي سگهيون آهن، جن مان ڪپتان بسما معروف 44، صدرا امين 34 ۽ صدف شمس 30 رنسن سان نمايان رهيون. آسٽريلوي بالرن مان ايشلي گارڊنر 3 ۽ جيسن جوناسين 2 وڪيٽون وٺي پاڻ ملهايو آهي. بيت موني 133 رنسن تي پليئر آف دي ميچ ۽ 191 رنسن سان پليئر آف دي سيريز جا ايوارڊ ماڻي حاصل ڪري ورتا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button