
پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين رميز راجا چيو آهي تھ ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم کي ڀارت ۾ سندس هوم گرائونڊ تي شڪست ڏيڻ تقريبن ناممڪن ٿي ويو آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن ڀارتي ٽيم جي پرفارمنس جي تعريف ڪئي ۽ چيو تھ سٺي ٽيم جي نشاني ڪنڊيشنز کي سمجهڻ هوندو آهي ۽ ڀارتي ٽيم پيس نھ هوندي بھ نيوزيلينڊ کي سندن ئي جوڙيل گيم پلان ۾ شڪست ڏئي پاڻ کي بهترين ثابت ڪيو آهي. هن چيو تھ ڀارتي ٽيم جي هوم گرائونڊ تي پرفارمنس مان ننڍي کنڊ جي ٽيمن خاص ڪري پاڪستان کي سکڻ گهرجي.