
ويسٽ انڊيز جي ڪرڪيٽ بورڊ ليجنڊ برائن لارا کي ٽيم جو پرفارمنس مينٽور مقرر ڪري ڇڏيو آهي. ميڊيا مطابق ڪرڪيٽ ويسٽ جي جاري ڪيل بيان ۾ ڄاڻايو ويو آهي تھ برائن لارا مينٽور طور ڪم ڪرڻ تي راضپو ڏيکاري ڇڏيو آهي، جيڪو سمورن فارميٽس جي حوالي سان ٽيم جي مينٽور طور ڪم ڪندو رهندو.