ڊنمارڪ فرانس کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ورلڊ مينز هينڊ بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي آهي. ميڊيا مطابق هينڊ بال ميگا ايونٽ جي فائنل ۾ ڊنمارڪ فرانس کي 29 جي ڀيٽ ۾ 34 گولن تان شڪست ڏئي عالمي طور نمبر ون بڻجي ويو آهي. فائنل جي ميچ ۾ ڊنمارڪ 34 پوائينٽس حاصل ڪيون. جڏهن تھ فرانس 29 پوائينٽس تي آيو. هوڏانهن رانديگرن چيمپيئن شپ کٽڻ بعد ميدان ۾ چڪر ڏئي جشن ملهايو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close