
پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ فٽنيس طور شهرت رکندڙ شعيب ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر عزم ڪندي چيو آهي تھ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اڃا سوچيو ئي ناهي. بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ رنگپور رائيڊرز جي نمائندگي ڪرڻ دوران هن جو چوڻ هو تھ مان ٽيم ۾ وڏي عمر وارو آهيان، پر اوهان منهنجي ڀيٽ 25 ورهين جي ڪرڪيٽر سان ڪري سگهو ٿا. هن چيو تھ ڪرڪيٽ کيڏندو رهندس، تنهنڪري رٽائرمينٽ جو سوچيو ناهي.