رانديون

فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ فتح، ميسي جو رانديگرن کي تحفا ڏيڻ جو فيصلو

لنڊن: ارجنٽائن جي اسٽار فٽبالر ليونل ميسي قطر ۾ ٿيل فيفا ورلڊ ڪپ 2022 ۾ ٽيم جي تاريخي فتح جو جشن ملهائڻ لاءِ منفرد انداز اختيار ڪيو آهي. گذريل سال قطر ۾ کيڏيل فيفا ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ ليونل ميسي جي قيادت ۾ ارجنٽائن فرانس کي شڪست ڏئي عالمي چيمپيئن بڻيو هو. ٽيون ڀيرو فيفا ورلڊ ڪپ کٽڻ جي خوشي ۾ ميسي پنهنجي ٽيم جي سمورن رانديگرن کي شاندار تحفو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن مطابق ميسي 35 گولڊ آئي فون 14 آرڊر ڪيا آهن، جيڪي هو رانديگرن سان گڏ ٽيم اسٽاف کي تحفي ۾ ڏيندو. رپورٽن مطابق 35 گولڊ آئي فونز جي ڪل قيمت 175 هزار يورو آهي، جيڪا پاڪستاني روپين ۾ 5 ڪروڙ کان وڌيڪ آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button