
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان پيٽ ڪمنز جي والدا ڊگهي عرصي کان بيمار رهڻ بعد لاڏاڻو ڪري وئي آهي، جنهن تي ڀارت ۾ موجود ڪرڪيٽرن پاران سوڳ ملهايو ويو آهي. ميڊيا مطابق ڀارت خلاف چوٿين ٽيسٽ ميچ جي جي موقعي تي آسٽريلوي ڪرڪيٽر ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي شريڪ ٿيا آهن.