رانديون

بابر سميت وڏن نالن شاداب کي مبارڪ نھ ڏني، گروهه بندي جا پڙاڏا

قومي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم سميت وڏن ڪرڪيٽرن شاداب خان کي ڪپتاني ملڻ تي مبارڪباد ناهي ڏني، جنهن بعد ٽيم ۾ گروهه بندي ٿيڻ جا پڙاڏا ٻڌجي رهيا آهن. ميڊيا مطابق افغانستان خلاف ٽي 20 سيريز جي اسڪواڊ ۾ شامل نھ ٿيندڙ وڏن نالن معاملي تي مڪمل خاموش اختيار ڪري ورتي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي تھ فخر، رضوان، شاهين ۽ بابر جي شاداب کي مبارڪ نھ ڏيڻ تي اختلافن جا افواهه پکڙجي ويا آهن. ذريعن اها پڻ دعوا ڪئي تھ، وڏن چئن ڪرڪيٽرن ۾ اتحاد کي بورڊ پاران ٽوڙڻ جون ڪوششون ڪرڻ جا اطلاع بھ مليا آهن، اطلاع آهن تھ پي سي بي جي عهديدارن پاران رانديگرنن کي فون ڪري سمجهائڻ جي ڪوشش بھ ٿي رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button