پي سي بي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي سربراهه نجم سيٺي چيو آهي تھ پي ايس ايل پي ايس ايل قومي اثاثو آهي، جنهن کي قومي ورثو قرار بھ ڏنو پيو وڃي، شوقينن جي شرڪت جي حوالي توڙي معيار ۾ هي هاڻ گلوبل برانڊ بڻجي چڪو آهي. لاهور ۾ فائنل کان اڳ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو تھ ڊجيٽل پليٽ تي ريٽنگ 10 آهي، تنهنڪري اسين آئي پي ايل کان ان شعبي ۾ اڳيان ٿي ويا آهيون. نجم سيٺي چيو تھ مون اچي بجيٽ ڏهوڻ تي وڌائي، فرنچائيز 50 سيڪڙو حصو ڏنو، رڪارڊ ٽڪيٽ وڪرو ٿيا، اسين 50 ڪروڙ ٽيڪس ادا ڪيون ٿا، پي ايس ايل سبب آمدني ۾ تمام وڏو اضافو ٿئي ٿو. هن چيو تھ پرڏيهي رانديگرن، ٽيڪنيڪل ماڻهن جو ٿورائتو آهيان، ستن ملڪن جا 200 ماڻهو بھ شريڪ هئا، هي ايونٽ گهڻو ڪامياب ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close