رانديون

ايشيا ۽ ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا ميچ نيوٽرل جڳهه تي ٿيڻ جا امڪان

پاڪستان ۽ ڀارت پاران هڪٻئي جي ملڪن ۾ نھ کيڏڻ واري فيصلي بعد امڪان آهي تھ ٻنهي ايونٽن ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا ميچ ڪنهن ٽئين يعني نيوٽرل جڳهه تي ڪرايا ويندا. ميڊيا مطابق ذريعن جو چوڻ آهي تھ ڀارت پاران ايشيا ڪپ جا ميچ پاڪستان ۾ نھ کيڏڻ بعد فارمولو تيار ڪيو ويو، جنهن جي منظوري ايشين ڪرڪيٽ ڪائونسل ڏيندي. جڏهن تھ ڀارت جا ميچ پاڪستان بدران ٻئي ملڪ ۾ رکڻ واري فارمولي تحت ايونٽ جي ميزباني پاڪستان ئي ڪندو، جنهن تي ڌرين ۾ اتفاق موجد آهي. هوڏانهن دبئي ۾ رٿيل اي سي سي جي گڏجاڻي ۾ حتمي شيڊول منظور ڪيو ويندو، جنهن بابت پاڪستان پنهنجي حڪمت عملي جوڙي ورتي آهي. ذريعن جو اهو پڻ چوڻ آهي تھ ون ڊي ورلڊ ڪپ جي ميزباني ڀارت وٽ هجڻ ڪري ايونٽ جا ميچ ڀارت ۾ ٿيڻ سبب ايشيا ڪپ جي طرز تي پاڪستان جا ميچ ٻئي ملڪ ۾ ڪرائڻ تي غور ڪيو پيو وڃي، ڇاڪاڻ تھ پاڪستان ڀارت جي هتي اچي نھ کيڏڻ جي صورت ۾ ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت نھ وڃڻ جو پيغام ڏئي چڪو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button