
پي سي بي نيوزيلينڊ خلاف سيريز ۾ سينيئرز کي آرام ڏئي نوجوانن کي کيڏڻ جو موقعو ڏيڻ واري فيصلي تي نظرثاني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ميڊيا مطابق افغانستان خلاف سيريز ۾ نوجوانن کي موقعو ڏيڻ بعد سيريز ۾ مليل شڪست تي پي سي بي پنهنجي اڳوڻي فيصلي ۾ تبديلي ڪرڻ جو رٿي ورتو آهي، پر سينيئرز کي کيڏائڻ وارو حتمي فيصلو پي سي بي جي مينيجمينٽ ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو. هوڏانهن پي سي بي جا ڪجهه ميمبر نوجوانن کي کيڏائڻ جي حق ۾ آهن.