روس جي ٽينس اسٽار ڊينل ميدادوف چوٿون ڀيرو ميامي اوپن ٽينس ٽورنامينٽ جو چيمپيئن بڻجي ويو آهي. ميڊيا مطابق ميامي اوپن جي فائنل ۾ روس جي ڊينل ميدادوف ۽ اٽلي جي ٽينس پليئر جانڪ سنر وچ ۾ سخت مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڊينل ميدادوف فتح ماڻي ٽرافي پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي. هوڏانهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊينل ميدادوف جو چوڻ آهي تھ انتهائي سخت مقابلي بعد ٽرافي کٽڻ تي مون کي گهڻي خوشي ٿي رهي آهي، ڪوشش ڪندس تھ اها رفتار برقرار رهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close