رانديون

نيوزيلينڊ جي ٽيم ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز کيڏڻ لاءِ پاڪستان پهچي وئي

نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم پاڪستان خلاف ٽي 20 ۽ ون ڊي سيريز جون 5،5 ميچون کيڏڻ لاءِ لاهور پهچي وئي آهي. ميڊيا مطابق مهمان ٽيم جا رانديگر لاهور ايئرپورٽ تي پهتا، جتي پي سي بي اختيارين سندن ڀرپور استقبال ڪيو ۽ گلن جا هار پارايا. هوڏانهن تان ڪيوي رانديگران کي سخت سيڪيورٽي ۾ رهائش واري هوٽل ۾ منتقل ڪيو ويو آهي. ياد رهي تھ پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ ۾ سيريز جي پهرين ٽي 20 لاهور ۾ 14 اپريل تي ٿيندي، جنهن جي تياري مڪمل ڪئي وئي آهي. هوڏانهن ڊيرل مچل ٻڌايو تھ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪلاس آهي، اسان جا رانديگر بھ نوان آهن، تنهنڪري هتي چيلينج ملندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button