
پاڪستاني ٽيم جي اوپنر محمد رضوان جي نيوزيلينڊ خلاف ٻئي ٽي 20 ۾ زخمي ٿيڻ بعد امڪان آهي تھ کيس ايندڙ ميچ ۾ آرام ڪرايو ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي ٽيم جي ڪپتان بابراعظم ٻڌايو تھ محمد رضوان هاڻ اڳ کان بهتر محسوس ڪري رهيو آهي، ٿي سگهي ٿو تھ کيس ايندڙ ميچ ۾ آرام ڏنو وڃي، پر هو ان کانپو ايندڙ ميچ ۾ واپسي ڪري ڇڏيندو.هن ٻڌايو تھ هوم گرائونڊ تي سينچري ڪرڻ بعد تمام گهڻي خوشي محسوس ڪيان پيو، اسان جي بالنگ شاندار ٿي وئي آهي.