رانديون

ڀارتي بورڊ جو ايشين گيمز ۾ ڪرڪيٽ ٽيمون موڪلڻ کان انڪار

ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ بي سي سي آئي ايشين گيمز ۾ پنهنجون ٽيمون موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق بي سي سي آئي جو چوڻ آهي تھ ايشين گيمز 23 سيپٽمبر کان شروع ٿينديون، ان عرصي ۾ سندن عورتن توڙي مردن واريون ڪرڪيٽ ٽيمون مصروف آهن، تنهنڪري اهي ايونٽ ۾ شريڪ نھ ٿي سگهنديون. بورڊ جو چوڻ آهي تھ ڪرڪيٽ کي ڇڏي باقي سموريون ٽيمون ايشين گيمز ۾ حصو وٺنديون. ٻڌايو وڃي ٿو انڊين اولمپڪ ايسوسيئيشن ڪرڪيٽ بورڊ سان ٽيمن بابت چار ڀيرا رابطا ڪيا، پر انهن انڪار ڪري ڇڏيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button