ارجنيٽينا کي فٽبال جو عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ عظيم فٽبالر ليونل ميسي موڪلن جا ڏينهن سعودي عرب ۾ گذارڻ لاءِ رياض پهچي ويو آهي. ميڊيا مطابق ليونل ميسي سعودي عرب پهچڻ بعد وڊيو بيان جاري ڪيو آهي. هوڏانهن سعودي سياحتي وزير احمد الخطيب ٻيو ڀيرو زال ۽ ٻارن سميت سعودي عرب پهچي رهڻ تي سندس آجيان ڪري ڇڏي آهي، احمد الخطيب پاران جاري ڪيل بيان ۾ ميسي ۽ سندس گهرباتين پاران گهمڻ لاءِ ٻيهر سعودي عرب جي چونڊ ڪرڻ تي سندن ٿورو مڃيو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close