
پاڪستان ويمنز ڪرڪيٽ ٽيم جي آل رائونڊر ندا ڊار جي لاڏاڻو ڪري ويل والدا جي تدفين لاهور ۾ ڪئي وئي آهي. ميڊيا مطابق ندا ڊار جي والدا ڪجهه وقت کان بيمار هئي، جنهن دوران ان دم ڌڻي حوالي ڪيو آهي. هوڏانهن ويمن ٽيم جي ڪپتان ندا ڊار سان پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. جڏهن تھ ساٿي ڪرڪيٽرن ساڻس تعزيت ڪئي آهي.